List

سنڌيءَ چوڻي آهي ته، ”مينهن چئي ڍڳيءَ کي هَل پُڇ ڪاري.“ پر اسان جي اقتداري سياست ۾ مختلف ڌرين پاران هڪ ٻئي تي ڪرپشن جا الزام لڳندي ڏسي ۽ ٻڌي اها سنڌي چوڻي تبديل ڪري اهو چوڻ گهرجي ته ”مينهن چئي مينهن کي ته تون سڄي ڪاري!!“ هونءَ ته ننڍي هوندي کان اهو جملو بار بار ٻڌندا وڏا ٿيا آهيون ته ”ملڪ نازڪ دور مان گذري رهيو آهي“ ۽ شايد اڄ به اها نازڪي موجود هوندي پر ان ۾ شڪ ڪونهي ته اسان جي سولين اقتداري سياست پنهنجي خراب ترين دور مان ضرور گذري رهي آهي، ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ سولين اقتداري ڌرين (سياسي پارٽين) لاءِ جمهوريت جي رخصت ٿيڻ يا آمريت جي اچڻ جي حوالي سان محلاتي سازشون ئي مٿي جو سور ۽ ڏچو بڻيل هونديون هيون، پر گذريل ڪجهه سالن دوران سولين اقتداري ڌرين لاءِ منفي راءِ عامه هڪ اهڙي قوت بڻجي پئي آهي، جنهن انهن ڌرين کي اندران ڪافي حد تائين کوکلو ڪري ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته سولين ڌرين (سياسي پارٽين/سياستدانن) جي سگهه هجي ٿي عوامي راءِ/حمايت، پر جيئن ڪو آمر راءِ عامه کي طاقت ذريعي بلڊوز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ائين ئي اسان جي سياستدانن به راءِ عامه کي نظرانداز ڪري ڄڻ ساڳيو آمرن وارو ئي ڪم ڪيو آهي. ٻئي طرف ڪرپشن جا الزام، خراب طرزِ حڪمراني ۽ عوامي مسئلن کان ڪن لاٽار سبب عام ماڻهن وٽ اقتداري سياسي ڌرين لاءِ منفي رايو جڙي ويو آهي، جيڪو انهن ڌرين کي ڏينهون ڏينهن ڪمزور پيو ڪري.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *